سکر(ن سنڌيار)سکر ۾ ڪپڙن جي دڪان تي ڦر دوران هٿياربندن فائرنگ ڪري اي ايس آءِ کي قتل ڪري ڇڏيو.اطلاعن موجب جوابدار ڦر بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا. ٻئي طرف وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي سيڪٽر جي 7 ۾ هٿياربندن درزي جي دڪان مان ڪپڙا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. جوابدار دڪان مان 240 سوٽ ۽ 2 موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.










