جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) سول ڪورٽ ٻاهران ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان جو سئوٽ قتل، ڊيوٽي تي موجود پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيو. سول لائين ٿاڻي جي حد سول ڪورٽ جي مک گيٽ تي پسند جي شادي واري معاملي تان ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان صدام جکراڻي جو سئوٽ آصف جکراڻي قتل ٿي ويو ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار زاھد ٻرڙو زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس پھچي لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس ڊوڙائي ڊوڙائي ٻن جوابدارن گل محمد ۽ هڪ نامعلوم کي گرفتار ڪري پستول هٿ ڪيو ورتو آهي. سول ڪورٽ ٻاهران فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، پوليس جي وڏي نفري عدالت ٻاهران الرٽ ڪئي وئي. واضح رهي ته شڪيلا عرف سويرا 2 مھينا اڳ ڪراچي جي عدالت ۾ نوجوان صدام جکراڻي سان پيار جو پرڻو ڪيو هو ناري جي اغوا جو ڪيس قتل ٿيندڙ نوجوان سميت 4 جوابدارن خلاف مولاداد ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي جڏهن ته ناري اڄ عدالت ۾ پسند جي شادي ڪرڻ جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ عدالت پھتي ته واقعو پيش آيو.










