هٿياربندن  جو نجي ملازم کان 20 لک ۽ قيمتي سامان ڦري فرار

هٿياربندن جو نجي ملازم کان 20 لک ۽ قيمتي سامان ڦري فرار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربند ڊاڪو نجي اليڪٽرانڪس جي ملازم کان 20 لک رپيا نقد ۽ قيمتي سامان ڦري فرار ٿي ويا. ايس ايس پي سائوٿ مهزور علي ٻڌايو ته مزاحمت ڪرڻ تي ڊاڪوئن هوائي فائرنگ به ڪئي، پوليس جي نفري موقعي تي پهچي وئي آهي ۽ هٿياربند ڊاڪوئن جي واردات بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.ايس ايس پي ٻڌايو ته واپاريءَ گليءَ ۾ واردات ٿيڻ جو ٻڌايو آهي جنهن تي تفتيش جاري آهي. جنهن جڳهه تي واردات ٿي، اتي سي سي ٽي وي (CCTV) ڪيمرائون موجود ناهن، انڪري ڀرپاسي وارن رستن تي لڳل ڪيمرائون چيڪ ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن جو جلد سراغ لڳايو ويندو، ڇاپي مار ٽيمون جوڙيون ويون آهن جنهن جوابدارن کي پڪڙڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو