راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي احتجاج جو ڊگهو پروگرام ڏئي ڇڏيو.هڪ بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته هن عمران خان کي چيو آهي ته ڪراچي کان خيبر ٽرين مارچ ڪيو جڏهن سندس پير ٺيڪ ٿي وڃي.هن چيو ته هو عمران خان کي نااهل ڪري سندس جان وٺڻ چاهين ٿا، جي آءِ ٽي ٺاهي وئي ان کي سبوتاژ ڪيو ويو ته جيئن قوم کي حقيقت جي خبر نه پوي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته عمران خان جيستائين سياست ۾ آهي سندس سياست دفن آهي.










