هوائي فوج جي نئين سربراهه پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون

هوائي فوج جي نئين سربراهه پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايئرچيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نئين سربراهه طور ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.ڪمانڊ جي تبديلي واري تقريب اسلام آباد ۾ ٿي، هوائي فوج جي اڳوڻي سربراهه مجاهد انور خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 40 سال فوج ۾ خدمتون انجام ڏيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.هن چيو ته اسان هر قيمت تي دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائينداسين، قوم جي سهڪار سان ملڪ جو دفاع ڪنداسين، ڪورونا باوجود اسان دفاعي مشقون جاري رکيون.هن ايئرمارشل ظهري احمد سڌو جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ هوائي فوج قيادت سنڀالڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون.ظهير احمد بابر فائٽر اسڪواڊرن، آپريشنل ايئربيس ۽ ريجنل ايئرڪمانڊ جي قيادت ڪئي، هوائي فوج ۾ خدمتن تي کيس تمغه امتياز، ستاره امتياز ۽ هلال امتياز جي اعزاز سان نوازيو ويو. 

پهنجو تبصرو موڪليو