راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد ملڪ ۾ هلندڙ سال چونڊون ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حڪومت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، چونڊن جي تاريخ ڏيڻ کان سواءِ عمران خان ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪندو، حڪومت خلاف ايندڙ بجيٽ بعد حڪمت عملي جو اعلان ڪندو،هن چيو ته هو هن سال ٿيندڙ چونڊون ڏسي رهيا آهن جڏهن ته حڪومت ووٽر لسٽن ۽ تڪ بندين ۾ تبديليون ڪري رهي آهي. اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا شيءِ ناهي، پيءُ پٽ وفاق ۽ هڪ صوبي تي قبضو ڪري ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.










