نواز شريف پاران پارٽي جو هنگامي اجلاس لنڊن ۾ طلب

نواز شريف پاران پارٽي جو هنگامي اجلاس لنڊن ۾ طلب

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف پارٽي جو هنگامي اجلاس لنڊن ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب نوازشريف وڊيو لنڪ اجلاس جي تجويز رد ڪري ڇڏي ۽ پارٽي جي مرڪزي قيادت کي لنڊن پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي اڳ ئي لنڊن ۾ موجود آهي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف، احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب جي هڪ ٻن ڏينهن ۾ لنڊن روانو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نوازشريف کي ڪجهه معاملن تي خدشا آهن ان لاءِ(ن) ليگ ڪو وڏو فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن تي لائحه عمل بابت به نوازشريف ۽ اسحاق ڊار سان مشاورت ٿيندي جڏهن ته ايندڙ چونڊن جي حوالي سان ڪابينه ۽ پاور شيئرنگ بابت به اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف طرفان اجلاس گهرائڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف اڄ رات جو لنڊن روانو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو