هندو برادري کي تحفظ ڏيو،بجاراڻي جي ايس ايس پي کي هدايت

هندو برادري کي تحفظ ڏيو،بجاراڻي جي ايس ايس پي کي هدايت

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) سنڌ جي صوبائي وزيرميرشبيرعلي خان بجاراڻي غوثپور پھچي شھر جي معزز ڊاڪٽر واشديو جي چاچي اندرلال جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي۔ ان موقعي تي ھندو برادري جي اڳواڻن کيس شڪايت ڪئي ته شھر ۾ امن امان جي صورتحال تسلي بخش ناھي۔ ھڪ مھينو اڳ شھر جي ٽن ھندو واپارين کان ٿيل لکين روپين جون چوريون به حد جي پوليس موٽائي نه سگھي آھي روز ھندو برادري کي ڪوڙا دلاسا ڏنا پيا وڃن۔ ھندو برادري بدامني سبب سخت مايوس آھي۔ ھنن اھا به شڪايت ڪئي ته ھڪ سال کان گرڊ اسٽيشن تيار آھي پر سيپڪو وارا ان جو افتتاح نٿا ڪن جنھن سبب غوثپور ۽ ڀرپاسي ۾ بجلي جو بحران چوٽ چڙھيل آھي۔ جنھن بعد صوبائي وزير ايس ايس پي ڪشمور سان رابطو ڪري کيس سختي سان حڪم ڏنو ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻائي ھندو برادري مان بي چيني وارو ماحول ختم  ڪيو وڃي۔ھن چيو ته گريڊ اسٽيشن واري مسئلي لا۽ سکر جي سيپڪو چيف سان رابطو ڪندو ۽ مسئلو حل ڪرائيندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو