اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جوڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيب ڪيسن ۾ هر هفتي پيش ٿيندا آهيون پر هتي ڪيس نه هلندو، هن وقت تائين 4 جج تبديل ٿي چڪا آهن پر ڪيس جو فيصلو ناهي ٿي رهيو.شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان عدليه جو احترام ڪريون ٿا، ان ڪري ئي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهيون.هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي پنهنجي ساک پاڻ بحال ڪرڻي آهي، جڏهن بينچ تي آڱر اٿاري ٿي ته جج ان تي فيصلو نٿو ڪري سگهي.










