ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو هر ماڻهو عمران خان جي تبديلي واري سونامي جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي.وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيئرمين چيو ته سعودي عرب کي 3 اب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ عمران خان چين کان قرض ورتو. هن چيو ته قرض نه وٺڻ جو اعلان ڪندڙ عمران خان سموري دنيا ۾ ڪشڪول کڻي گهمي رهيو آهي.وزيراعظم صاحب بيشڪ اوهان کي چندو گهرڻ جو وڏو تجربو آهي پر چندن تي ملڪ نه هلندا آهن. هن چيو ته عمران خان جي ناقص معاشي پاليسين سبب عوام جي زندگي ڏکي ٿي چڪي آهي. هر پاڪستاني عمران خان جي نااهلي جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. قرض جيڪڏهن ڪرپشن ۾ اڏايو ويندو ته عام ماڻهو مهانگائي ۾ پيسجندو رهندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان بني گالا جي محل مان ٻاهر نڪري، عام ماڻهو عيد جي تياري لاءِ به معاشي لحاظ سان پريشان آهي. پاڪستان جو هر انسان عمران خان جي تبديلي جي سونامي جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته حڪومت ۾ ايتري به طاقت ناهي جو چين کي سي پيڪ جي اربين رويپن جا واجبات ادا ڪري سگهي. ايم ايل ون جي لاءِ 6 ارب ڊالر جا فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ به چيني حڪومت سوچي رهي آهي. چيني حڪومت جي سوچ اصل ۾ تحريڪ انصاف جي حڪم تي عدم اعتماد جو اظهار آهي. پ پ چيئرمين چيو ته پرڏيهي سرمائيدار پاڪستان ۾ سرمائيڪاري کان ڀڄي رهيا آهن.
سکر ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو،وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو ٻيهر اعلان
ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
مداخلت برداشت نه ڪبي، عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين
عدليا ۾ ايجنسين جي مداخلت، جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان
سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان