ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي ڪشميرين سان ڀرپور ٻڌيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 آگسٽ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي. هن چيو ته ڀارت جمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ڪشميري عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي حقِ خوداراديت لاءِ قربانيون ڏئي رهيو آهي. ڀارتي رياستي جبر ۽ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪشميري عوام جي آزاديءَ جي جذبي کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. پيپلز پارٽي هميشه ڪشميرين جي حقِ خوداراديت جي حامي رهي آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي قيادت ۾ پارٽي هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام لاءِ آواز اٿاريندي رهندي. هو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ڪشميري پنهنجي مستقبل جو فيصلو پنهنجي آزاد مرضيءَ سان ڪندا.










