هرموز ناڪابندي، عالمي قانون ڇا ٿو چوي؟ ڇا ايران ٽول اڳاڙي سگهندو؟

هرموز ناڪابندي، عالمي قانون ڇا ٿو چوي؟ ڇا ايران ٽول اڳاڙي سگهندو؟

رپورٽ پال ايڊمز
بي بي سي ڊاٽ ڪام
آمريڪي سينٽڪام جي ڪمانڊر ايڊمرل بريڊ ڪوپر چيو آهي ته ايراني بندرگاهن جي مڪمل ناڪابندي ڪئي وئي آهي ۽ “وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوج جي سامونڊي برتري برقرار آهي.”
سينٽڪام پاران ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو: “ايران جي لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو معيشت جو دارومدار سمنڊ جي رستي عالمي واپار تي آهي. ناڪابندي لاڳو ٿيڻ کان 36 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ آمريڪي فوج سمنڊ وسيلي ايران ۾ اچڻ ۽ وڃڻ واري سموري معاشي واپار کي مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو آهي.”
سينٽڪام موجب 10 هزار کان وڌيڪ آمريڪي اهلڪار درجنين جنگي جهازن ۽ هوائي جهازن سان گڏ ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي تي عمل ڪرائي رهيا آهن. پهرين 24 ڪلاڪن دوران ڪو به جهاز آمريڪي ناڪابندي عبور نه ڪري سگهيو، جڏهن⁠تہ ڇهه تجارتي جهاز آمريڪي فوج جي هدايت تي عمل ڪندي عماني گلف ۾ واقع ايراني بندرگاهن ڏانهن واپس موٽي ويا.
سينٽڪام جي وڌيڪ تفصيل موجب آمريڪي بحريه جا گائيڊڊ ميزائل ڊيسٽرائر به انهن وسيلن ۾ شامل آهن جيڪي ناڪابندي لاڳو ڪري رهيا آهن. هڪ عام ڊيسٽرائر تي 300 کان وڌيڪ بحري اهلڪار مقرر هوندا آهن، جيڪي جارحانه ۽ دفاعي سامونڊي ڪاررواين لاءِ اعليٰ تربيت يافته هوندا آهن.
ايڪس تي جاري بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايران جي ساحلي علائقن يا بندرگاهن ۾ داخل ٿيڻ يا اتان نڪرڻ وارن سڀني ملڪن جي جهازن تي ناڪابندي بنا فرق جي لاڳو ٿيندي. جڏهن⁠تہ هرموزلنگهه مان گذرندڙ اهي جهاز، جن جو ايران سان ڪو لاڳاپو نه هوندو، انهن کي نه روڪيو ويندو.
هرموز لنگهه ۽ عالمي قانون
ايران جو چوڻ آهي ته هن کي هن تنگ سامونڊي لنگهه مان گذرندڙ جهازن کي منظم ڪرڻ ۽ ٽول وٺڻ جو حق حاصل آهي، جڏهن⁠تہ آمريڪا جواب ۾ سامونڊي ناڪابندي جو اعلان ڪيو آهي. هي صورتحال عالمي سطح تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ⁠تہ دنيا جو لڳ ڀڳ پنجون حصو تيل هن رستي مان گذري ٿو. هتي ٿيندڙ ڪنهن به تبديلي جو سڌو اثر توانائي جي قيمتن، مهانگائي ۽ عالمي توانائي جي تحفظ تي پوي ٿو.
آبنائي هرمز تي ڪنٽرول ڪنهن جو آهي؟
پنهنجي سڀ کان تنگ هنڌ تي هرموز لنگهه لڳ ڀڳ 33 ڪلوميٽر ويڪرو آهي. اترين پاسي ايران ۽ ڏاکڻي پاسي عمان واقع آهن. ٻئي ملڪ پنهنجي ساحلي حدن کان 12 سامونڊي ميل (صص ڪلوميٽر) تائين اختيار رکن ٿا. پر ان جي باوجود، هن لنگهه کي عالمي سامونڊي گذرگاهه قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ڪو به ملڪ ان کي پنهنجي مرضي سان بند نٿو ڪري سگهي. عالمي قانون موجب ڪو ملڪ هن لنگهه مان ٽول به وصول نٿو ڪري سگهي. ايران ان گڏيل قومن جي قانون تي صحيح ناهي ڪئي.
جنگ دوران قانون
عالمي قانون واضح ڪري ٿو ته واپاري سامونڊي رستا جنگ دوران به بند نٿا ڪري سگهجن. غير فوجي جهاز محفوظ طريقي سان گذري سگهن ٿا. فوجي جهازن جي به گذرڻ تي پابندي ناهي.
ڇا ناڪابندي قانوني آهي؟
ناڪابندي هڪ سنجيده قدم آهي. اها صرف تڏهن قانوني هوندي جڏهن: باضابطه اعلان ڪيو وڃي، منصفاڻي طريقي سان لاڳو ٿئي، شهري جهازن کي نشانو نه بڻايو وڃي ۽ انساني امداد وارا جهاز نه روڪيا وڃن.
قانون تي عمل ڪير ڪرائي ٿو؟
دنيا ۾ ڪو عالمي سامونڊي پوليس نظام ناهي. عملي طور تي: بحري طاقت، سفارتي اتحاد، عالمي دٻاءُ وغيره اهم آهن.
آمريڪي حڪمت عملي
ريٽائرڊ ايڊمرل مارڪ منٽگومري بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته ناڪابندي، ٻين خطرناڪ آپشنز جهڙوڪ زبردستي هرموز کولڻ کان گهٽ خطري واري آهي. آمريڪي بحريه وٽ هي سڀ وسيلا موجود آهن: جنگي جهاز، هيليڪاپٽر، تيز رفتار ٻيڙيون وغيره. ان کان اڳ آمريڪا وينزويلا ۽ ڪيوبا ۾ سامونڊي ناڪابندي ڪري چڪو آهي. جنوري ۾ آمريڪا روس جو تيل بردار جهاز’مارينيرا‘ جي ضبطي جو به واقعو ٿيو هو.
عالمي منفي اثر
ناڪابندي سان: ايران جي برآمدات متاثر ٿي سگهن ٿيون، تيل جون قيمتون وڌي سگهن ٿيون ۽ عالمي معيشت متاثر ٿي سگهي ٿي. آمريڪا جي مڊل ايسٽ بابت اڳوڻي ايلچي ڊيوڊ سيٽرفيلڊ موجب ايران شايد اهو سمجهي ٿو ته هو دٻاءُ کي برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ وڌندڙ تيل جي قيمتن مان فائدو وٺي سگهي ٿو.
موجوده صورتحال
سامونڊي ماهر هن وقت جهازن جي آمدورفت تي نظر رکي رهيا آهن. ڪجهه جهاز ناڪابندي کان پوءِ واپس موٽڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ هاڻي حرڪت محدود ٿي وئي آهي.
آخري نتيجو
جنگبندي باوجود، صورتحال هاڻي ٻن سامونڊي ناڪابندين جي مقابلي ۾ تبديل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ عالمي معيشت ڦاسي وئي آهي. چين، جيڪو ايران کان تيل درآمد ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي، هن صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. آمريڪي صدر جو هي قدم هڪ وڏو خطرو (جوا) آهي، جنهن جا اثر ايندڙ ڏينهن ۾ واضح ٿيندا. صدر ٽرمپ ان ڏس ۾ چين کي خاطري ڪرائي آهي ته هو جلد ناڪا بندي ختم ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو