هرمز کولڻ بابت غيريقيني صورتحال، تيل جي  قيمتن  ۾ واڌ

هرمز کولڻ بابت غيريقيني صورتحال، تيل جي قيمتن ۾ واڌ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): عالمي سطح تي اهم ترين بحري پٽي آبنائي هرمز کي مڪمل طور کولڻ بابت پيدا ٿيل غيريقيني صورتحال سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.عالمي ميڊيا رپورٽن موجب ائشيا ۾ سومر جي صبح ٿيندڙ تجارت دوران خام تيل جا نرخ تيزيءَ سان اوپر ويا. برينٽ خام تيل جي قيمت هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ بعد 84 ڊالر في بيرل کان تجاوز ڪري وئي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل جي قيمت ۾ به هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.ايران پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته عمان سان گڏجي نئين بحري رستي بابت معاهدو حتمي مرحلن ۾ آهي، پر آمريڪا پاران 6 شرط پورا ڪرڻ تائين صورتحال مڪمل واضح نه ٿي سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو