هرمز لنگهه جي بندش سبب تيل جي قيمتن ۾ واڌ

هرمز لنگهه جي بندش سبب تيل جي قيمتن ۾ واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي خام تيل جي قيمت ۾ 2 سيڪڙو واڌ ٿي وئي آهي۔ 2 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آمريڪي خام تيل جي قيمت 102 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي۔
ان کان علاوه برينٽ ڪروڊ آئل جي قيمت 106 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي۔
تيل ڪمپنين صدر ڊولڊ ٽرمپ جي انتظاميه کي خبردار ڪيو آهي ته توانائي جو بحران شايد وڌيڪ ڳنڀير ٿي سگهي ٿو۔
آمريڪي اخبار موجب ايڪسون موبل، شيوران ۽ ڪونوڪو فلپس جي سربراهن خبردار ڪيو آهي ته هرمز لنگهه جي بندش سبب توانائي جو بحران وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿو۔
هرمز جي آبنائي جي بندش عالمي تيل جي ترسيل ۽ قيمتن تي اثر وجهي رهي آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو