لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته شهباز شريف پاران 10 ارب رپين جي هرجاڻي واري دعويٰ تي عمران خان خلاف دفاع جو حق ختم ڪرڻ جو فيصلو درست هو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس چوڌري محمد اقبال فيصلي ۾ لکيو ته 7 ڏينهن اندر جواب داخل نه ٿيڻ تي دفاع جو حق ختم ٿي ويندو.جسٽس چوڌري اقبال پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ شهباز شريف جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ عمران خان کي ڪاپيون ڏئي.عمران خان جواب ڏيڻ بدران اعتراض داخل ڪيا، جنهن تي ٽرائل ڪورٽ اعتراض رد ڪندي عمران خان کي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته عمران خان اڃا تائين جواب داخل نه ڪرايو، جنهن تي ٽرائل ڪورٽ سندس دفاع جو حق ختم ڪري ڇڏيو، ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو درست هو.










