سپريم ڪورٽ جو آئين ۽ قانون جي تشريح جو اختيار ختم

سپريم ڪورٽ جو آئين ۽ قانون جي تشريح جو اختيار ختم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت فيصلو ڏنو آهي ته 27 هين آئيني ترميم جي منظوري سان سپريم ڪورٽ جو آئين ۽ قانونن جي تشريح جو اختيار ختم ٿي ويو آهي.جسٽس عامر فاروق آئيني عدالت جي اختيارن بابت هڪ اهم فيصلي ۾ چيو آهي ته 27 هين ترميم کان اڳ، سپريم ڪورٽ کي قانون ۽ آئين جي تشريح جو اختيار هو، پر نئين آئيني اسڪيم تحت، آئيني عدالت کي آئين ۽ قانونن جي تشريح جو اختيار حاصل آهي.وفاقي آئيني عدالت جي فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آئيني عدالت قانون سازي جي آئيني حيثيت جو جائزو وٺي سگهي ٿي، ۽ وفاقي آئيني عدالت کي تشريح جي ڪنهن به ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪرڻ جو اختيار پڻ حاصل آهي.جسٽس عامر فاروق سيلز ٽيڪس ڪيس ۾ عدالتي اختيارن تي فيصلو لکيو، جنهن ۾ اهو واضح ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو قانون سازي جي تشريح ۽ جائزو وٺڻ جو اختيار 27 هين ترميم سان ختم ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو