هاڻي چارسده ياد آيو اوهان کي ؟ عمران خان جي آمد تي ٻوڏ متاثرن جو احتجاج

هاڻي چارسده ياد آيو اوهان کي ؟ عمران خان جي آمد تي ٻوڏ متاثرن جو احتجاج

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي چارسده ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي آمد تي ٻوڏ متاثرن احتجاج ڪيو آهي.عمران خان جي آمد خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين جو چوڻ هو ته عمران خان اقتدار ڇڏڻ کانپوءِ چارسده کي ياد ڪيو آهي. ٻئي طرف اي اين پي خيبرپختونخواهه جي صدر امل ولي خان به پي ٽي آءِ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي چارسده جي عوام سان ايتري همدردي آهي ته پوءِ هنن ٻوڏ متاثرن جي پرامن احتجاج تي لاٺي چارج ڇو ڪيو؟ هن چيو ته اڳ ئي ڏتڙيل عوام جي پرامن احتجاج تي تشدد فاشزم جو نئون مثال آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو