لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ ڪروڙين رپين جي مصنوعي ٽرف کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.اسپورٽس بورڊ پنجاب جو چوڻ آهي ته ٽرف ڪمپني جي ماهرن جي هدايتن تي لڳايو پيو وڃي.ٽرف وڇائڻ واري ڪم جو افتتاح اپريل جي وچ ڌاري پنجاب جي راندين واري صلاحڪار وهاب رياض ڪيو.زمين ۾ مختلف ٽڪرن سان ٽڪريون پکڙيل آهن پر ٽرف کي ليول ۽ ٺيڪ نه ڪيو ويو آهي، ٺيڪ نه ٿيڻ ڪري ٽرف هوا جي ڪري اُڏي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرف جي چوڌاري اڏام سبب خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ ٽرف جو ڪم لڳ ڀڳ 16 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي.اسپورٽس بورڊ پنجاب جو چوڻ آهي ته ٽرف کي ماهرن جي نگراني ۾ وڇايو پيو وڃي، ڪم 10 کان 12 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.










