اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان حڪومت جي فنانس ڊويزن اسٽيٽ بينڪ ۽ پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي سهڪار سان زرعي فنانسنگ ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ تيار ڪيل هڪ جديد ڊجيٽل پليٽ فارم “زرخيزي ايپ” متعارف ڪرائي آهي.
هن قدم جو مقصد زرعي فنانس کي ڊجيٽل بڻائڻ آهي، ته جيئن هاري هن ايپ وسيلي ڊجيٽل نموني درخواست ڏئي سگهن ۽ ڏهه لک رپين تائين آساني سان قرض حاصل ڪري سگهن. ضروري تصديق کان پوءِ اها درخواست هاري جي پسند جي بئنڪ ڏانهن پراسيسنگ لاءِ موڪلي ويندي.
فنانسنگ جو 75 سيڪڙو حصو زرعي سامان جي خريداري لاءِ بئنڪن جي منظور ٿيل زرعي وينڊرز ذريعي شين يعني ڀاڻ، دوا ۽ ٻج وغيره جي صورت ۾ فراهم ڪيو ويندو.
فنانسنگ کان علاوه، هارين کي لينڊ انفارميشن مينيجمينٽ سسٽم (LIMS) ذريعي زرعي مشاورتي خدمتون به مهيا ڪيون وينديون.زرخيزي پليٽ فارم فنانسنگ سان گڏ معياري زرعي شيون ۽ هارين جي رهنمائي ذريعي پيداوار ۾ بهتري آڻيندو.
ننڍن هارين کي فنانسنگ مهيا ڪرڻ لاءِ بئنڪن جي حوصلا افزائي طور حڪومت 10 سيڪڙو فرسٽ لاس ڪوريج ۽ بئنڪن جي واجب الادا قرضدارن ۾ خالص واڌ تي في ڪيس 10 هزار رپين جي آپريشنل لاڳت سبسڊي به فراهم ڪئي آهي.
وفاقي وزير خزانه ۽ محصول سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته هي قدم ننڍن هارين لاءِ قرضن تائين رسائي آسان بڻائي ٿو ۽ ٻهراڙي جي ترقي ۽ قومي غذائي تحفظ بابت حڪومت جي وسيع مقصدن جي حمايت ڪري ٿو.
اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته زرخيزي ايپ ننڍن هارين جي فنانس تائين رسائي بهتر بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. قرض حاصل ڪرڻ جو عمل ڊجيٽل بڻائي اسان ننڍن هارين لاءِ رڪاوٽون ختم ڪري رهيا آهيون ۽ يقيني بڻائي رهيا آهيون ته رسمي قرض وقت سر، آسان ۽ فصلن جي پيداوار ۾ مددگار ثابت ٿين. هن چيو ته زرخيزي ايپ ٻهراڙين جي معيشت ۾ ڊجيٽل ادائيگين جي واڌاري جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ به مددگار ٿيندي.
پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ظفر مسعود بئنڪنگ شعبي جي گڏيل ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته بئنڪنگ انڊسٽري زرخيزي ايپ جي ڪامياب نفاذ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان وزارت خزانه ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان سان ويجهو تعاون جاري رکنداسين ته جيئن ملڪ ڀر جي هارين تائين رسائي وڌائي وڃي ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ نون ڪريڊٽ اسيسمينٽ طريقن مان فائدو وٺندي، اسان جو مقصد ننڍن هارين، خاص طور تي انهن بي زمين هارين لاءِ فنانس تائين رسائي بهتر بڻائڻ آهي، جيڪي وڏي حد تائين غير دستاويزي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
زرخيزي ايپ هاڻي گوگل پلي اسٽور تي ڊائون لوڊ لاءِ موجود آهي، جڏهن ته هاري ڊجيٽل آن بورڊنگ ۾ مدد لاءِ پنهنجي ويجهي بئنڪ جي ڪنهن به شاخ سان رابطو ڪري سگهن ٿا. ڪجهه تجزيه ڪارن جو خيال آهي ته حڪومت جو هڪ اهم مقصد زرعي شعبي کي ڊجيٽائيز ڪرڻ ۽ موثر نموني زرعي ٽيڪس وصول ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو.










