هائي رسڪ ضلعن ۾ سومر کان پوليم مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

هائي رسڪ ضلعن ۾ سومر کان پوليم مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ ۾ پوليو مهم وڏي سٺي طريقي سان جاري آهي ۽ گذريل اڍائي سالن کان پوليو جو ڪوئي ڪيس سامهون ناهي آيو. هن اها ڳالهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پوليو جي خاتمي جي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جي اهم اجلاس ۾ چئي. جنهن جي گڏيل صدارت چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ۽ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڪئي. اجلاس ۾ ڪمشنر محمد اقبال ميمڻ، صحت کاتي جي سيڪريٽري ذوالفقار شاهه، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن غلام اڪبر لغاري، ڪوآرڊيينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر فياض عباسي، سي او پي پي ايڇ آئي جاويد علي ۽ روٽري انٽرنيشنل جي نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته سمورن ڊويزنل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن ويڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ سومر 13 مارچ کان پوليو مهم شروع ڪئي ويندي. هن والدين کي درخواست ڪئي ته هو پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪن ۽ 5 سالن تائين جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارين. صوبائي وزير صحت چيو ته پهريان پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪرڻ وارن والدين کي راضي ڪرڻ لاءِ سوشل موبلائيزز جي ڪردار کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي پوليو مهم کي ڀرپور طريقي سان شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پوليو مهم لاءِ مقرر ڪيل ٽارگيٽ کي 100 سيڪڙو حاصل ڪيو وڃي ۽ پوليو مهم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پوليو فري پاڪستان جي طرف آخري ميل وڏو چيليجنگ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻئي صوبي کان ماڻهو سنڌ جي طرف لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن جنهن لاءِ صوبي جي انٽري پوائنٽس تي موثر پوليو مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليس، ريلوي پوليس ۽ رينجرز جي سهڪار سان بس اسٽينڊز ۽ ريلوي اسٽيشنن تي پوليو جا ڦڙا پيئاريا وڃن. ڪراچي ٽول پلازه، حيدرآباد ٽول پلازه، سکر، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۽ صوبي جي ٻين سرحدي ضلعن جي بس اسٽينڊز تي پوليو جا ڦڙا موثر طريقي سان پيئاريا وڃن ۽ ان لاءِ صحت کاتو پوليو ٽيمن جي تعداد ۾ اضافو ڪندو. چيف سيڪريٽري سنڌ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کي هدايت ڪئي ته هو پرائيويٽ اسڪولن کي پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪري. صوبائي ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر فياض عباسي اجلاس کي ٻڌايو ته 13 مارچ کان 19 مارچ تائين صوبي جي 16 ضلعن ۾ 41883 فرنٽ لائن ورڪرز 56 لک ٻارن تائين پهچندا. اجلاس ۾ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو مهم لاءِ سڪيورٽي انتظامن جو يقين ڏياريو. اجلاس ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ نيشنل ايمرجنسي اينڊ آپريشن سينٽر جي حڪام ويڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي ۽ سنڌ حڪومت کي انسداد پوليو جي لاءِ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.

پهنجو تبصرو موڪليو