هاءِ ڪورٽ پاران ٻٽي قتل جي الزام ۾ قيد عورت جي سزا ڪالعدم قرار

هاءِ ڪورٽ پاران ٻٽي قتل جي الزام ۾ قيد عورت جي سزا ڪالعدم قرار

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ ٻٽي قتل ڪيس ۾ ٻه ڀيرا موت عمر قيد جي سزا ماڻيندڙ عورت جي سزا خلاف اپيل منظور سندس سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي. پوليس موجب عورت پنهنجي مائٽياڻي ۽ سندس ٻن ورهين جي ٻار کي قتل ڪيو هو، سندس خلاف مردان جي ٿاڻي جبر ۾ ٻٽي قتل جو ڪيس داخل آهي، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عورت کي 2022 ۾ ماتحت عدالت ٻه ڀيرا عمر قيد ۽ 4 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. عورت طرفان سزا خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي هئي. عدالت عورت جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي ڪيس ٻيهر ماتحت عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت جوابدار عورت جي ذهني بيماري بابت انڪوائري ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو