ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي جي قتل جي ملزم کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ 6 سال اڳ ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ايم پي اي منظر امام کي ڊرائيور ۽ محافظ سميت گوليون هڻي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار جوابدار محمد عاشق جي موت واري سزا ختم ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم جمعي تي جوابدار محمد عاشق پاران خاص عدالت جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل منظور ڪندي ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل جوابدار جيڪڏهن ڪنهن ٻي ڪيس ۾ گهربل ناهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي. سرڪاري وڪيل موجب ڄاڻايل جوابدار محمد عاشق خان 2013ع ۾ پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ جي ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ سنڌ اسيمبلي جي تڏهوڪي ميمبر منظر امام مٿان جديد هٿيارن سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ منظر حيات سان گڏ سندس ڊرائيور ۽ محافظ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا. سرڪاري وڪيل موجب جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويا هئا پر بعد ۾ هڪ جوابدار محمد عاشق خان کي گرفتار ڪري ورتو جنهن بعد خاص عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس موت جي سزا ٻڌائي هئي.










