ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر، سيڪشن آفيسر، اي ٽي او ۽ ٻين عهدن تي 2018ع واري امتحان جي نتيجن ۾ مبينه جعلسازي خلاف داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري، پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم سومر تي ايوب پنهور جي درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. جنهن ۾ درخواست گذار سنڌ سرڪار، پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪميشن پاران مختلف عهدن تي ڀرتين لاءِ اميدوارن کان ورتل امتحانن جي نتيجن ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگيون ڪيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود اميدوارن کي لکت واري امتحان جي مارڪس شيٽ پڻ جاري نه ڪئي وئي آهي. لکت واري امتحان ۾ وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي زباني امتحان ۾ ناپاس ڪري ذاتي پسند ۽ اثر رسوخ رکندڙ مخصوص اميدوارن کي ڪامياب ڄاڻايو ويو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته ڪميشن جي 2018ع وارن امتحانن جي حتمي نتيجن کي روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ڪميشن کان امتحان جو سمورو رڪارڊ طلب ڪيو وڃي جنهن تي عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڪميشن کي ڄاڻايل امتحانن جو ٻن هفتن اندر رڪارڊ پيش ڪرڻ جوحڪم ڏنو.










