عدالتي فيصلي سان بحران وڌندو، چونڊون بهتر رستو آهي: فواد

عدالتي فيصلي سان بحران وڌندو، چونڊون بهتر رستو آهي: فواد

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان پنجاب ۾ سياسي بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي. پنجاب جي وڏي وزير بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي فواد چوڌري چيو ته حمزه شهباز جي حڪومت قائم نه رهي، عدالت جي ڏنل فيصلي سان بحران ختم نه ٿيندو.فواد چوڌري چيو ته عدالت جي فيصلي ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، قانوني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويو آهي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ خامين بابت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندا.هن چيو ته جيڪڏهن حمزا وڏو وزير ناهي ته پوءِ عثمان بوزدار کي نگران وڏو وزير بڻايو ويو آهي، هن اسيمبلي ۾ نئون وڏو وزير چونڊڻ تمام ڏکيو آهي، اڃا نئين چونڊ جو رستو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو