لاهور (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽن جي ججن جي رضامندي کانسواءِ ٻين صوبن ڏانهن منتقلي بابت آئيني ترميم تي عمل شروع ٿي ويو آهي.
چيف جسٽس آف پاڪستان يحييٰ آفريدي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن کي ٻين صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ 28 اپريل تي اجلاس طلب ڪيو آهي. ٻن ججن کي لاهور هاءِ ڪورٽ منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته باقي ٽن ججن کي بلوچستان، سنڌ ۽ خيبر پختونخوا منتقل ڪيو ويندو.
ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن جي تبادلي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 28 اپريل تي منجهند 1:00 وڳي اسلام آباد ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جڊيشل ڪميشن جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪندو. اجلاس ۾ ڪميشن جا ميمبر ۽ سڀني صوبن جي هاءِ ڪورٽس جا چيف جسٽس شرڪت ڪندا.
اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن جي نالن تي غور ڪيو ويندو، جن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس سردار اعجاز اسحاق ۽ جسٽس بابر ستار شامل آهن.
ذريعن موجب، ٻن ججن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان لاهور هاءِ ڪورٽ منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته باقي ٽن ججن کي بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا هاءِ ڪورٽ منتقل ڪيو ويندو. ان حوالي سان غير رسمي مشاورت جو عمل پڻ مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ججن جي منتقلي ڪميشن جي اڪثريتي فيصلي جي بنياد تي ڪئي ويندي.
27 هين آئيني ترميم تحت، آئين جي آرٽيڪل 200 ۾ ترميم ڪئي وئي ته جيئن ججن جي منتقلي لاءِ رضامندي جي ضرورت واري شق کي ختم ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ هاءِ ڪورٽن جي ججن جي منتقلي لاءِ ڪنهن جي رضامندي جي ضرورت ناهي، ۽ جيڪڏهن ڪو جج ڪميشن جي اجلاس کان پوءِ منتقلي تي رضامندي نه ٿو ڏئي ته ان کي زبردستي رٽائر به ڪري سگهجي ٿو.
اڳي، هاءِ ڪورٽ جي جج جي منتقلي لاءِ جج جي رضامندي گهربل هئي.
آئين جي آرٽيڪل 200 ۾ 13 نومبر 2025 تي 27 هين آئيني ترميم تحت ترميم ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ڪميشن پنهنجي ڊگهي مشاورت جاري رکي ۽ هاڻي، هن ترميم کي باضابطه طور تي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪندي، چيئرمين جوڊيشل ڪميشن يحيٰ آفريدي ججن جي منتقلي لاءِ 28 اپريل تي اسلام آباد ۾ هڪ اجلاس طلب ڪيو آهي.
پهرين مرحلي ۾، اهي بدليون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جون هونديون، ۽ ايندڙ مرحلي ۾، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن کي منتقل ڪيو ويندو.










