اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نواز ليگ ۽ پ پ جي مبينا ڪرپشن جو اڇو چٺو جاري ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته ملڪ تي امپورٽيڊ حڪومت مڙهي وئي آهي، هاڻي اهي ڪرپشن جا ڪيسز ختم ڪري چور بازاري شروع ڪندا، ٻنهي خاندانن ملڪ ۾ ڦرلٽ ڪئي آهي، پاڪستاني کين حڪمران مڃڻ کي توهين سمجهن ٿا، چيف اليڪشن ڪمشنر تي اعتماد نه آهي، جانبدار فيصلا پيو ڪري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شريف خاندان مون کي ڌمڪيون ڏيندو هو ته اسان جو وارو به اچوڻ وارو آهي، هاڻي هنن جو اين آر ٽو شروع ٿي ويو آهي، عمران خان شريف خاندان جي ڪرپشن تي وائيٽ پيپر جاري ڪندي وضاحت ڪئي ته ڪيئن هنن پنهنجي نوڪرن جي نالي تي ملڪ جو پئسو لٽيو ۽ پرڏيهه منتقل ڪيو










