ن ليگ پاران پرويز الاهي خلاف ٻيهر رٿ آڻڻ جو اعلان

ن ليگ پاران پرويز الاهي خلاف ٻيهر رٿ آڻڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي خلاف ٻيهر بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ پينل جي چيئرمين وسيم خان بادوزئي چوڌري پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪندڙ سميع الله چوڌري جي غيرموجودگي ۾ رٿ اڪلائي ڇڏي.بعد ۾ ن ليگ ميمبرن مستقبل جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ لابي ۾ اجلاس سڏايو، جنهن ۾ عظميٰ بخاري ن ليگ ميمبرن کي شڪايت ڪئي ته اهي وقت تي ايوان ڇو نه آيا.هوڏانهن مسلم ليگ ن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ن ليگ ميمبر ان معاملي تي مشاورت لاءِ وزيراعليٰ هائوس پهچي ويا آهن.مسلم ليگ ن جي ميمبر پنجاب اسيمبلي خليل طاهر سنڌو چيو آهي ته پرويز الاهي خلاف اڄ ٻيهر بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو