ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران مسلم ليگ (ن) جو ڊپٽي ميئر جو عهدو ڏيڻ جو مطالبو منظور نه ڪرڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي ذريعن مطابق پيپلزپارٽي ميئر، ڊپٽي ميئر جي اميدوارن جو اعلان هلندڙ هفتي ڪندا سلمان عبدالله مراد ڊپٽي ميئر ڪراچي جي لاءِ پيپلزپارٽي جو مضبوط اميدوار آهي بلاول ڀٽو زرداري جي ٻاهرين ملڪ هجڻ سبب ميئر ۽ ڊپٽي ميئر، چيئرمين، وائيس چيئرمين جي اميدوارن جي اعلان ۾ تاخير ٿيندي ميئر ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس ڇيئرمين جي لاءِ اميدوارن جا ڪاغذات 9 جون کان جمع ٿيندا.










