ن ليگ جي هڪ ٻئي ميمبر پاران  استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو

ن ليگ جي هڪ ٻئي ميمبر پاران استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو

لاهو(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي هڪ ٻئي ميمبر پنجاب اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.گذريل ڏينهن خانيوال مان مسلم ليگ ن جي ايم پي اي فيصل نيازي پنهنجي استعيفيٰ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي کي جمع ڪرائي ڇڏي هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻي مسلم ليگ ن جي پنجاب اسيمبلي ميمبر جليل شرقپوري به اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب جليل شرقپوري اڄ اسيمبلي مان استعيفيٰ جو اعلان ڪندو ۽ پنهنجي استعيفيٰ اسپيڪر کي جمع ڪرائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو