ن ليگ جو سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جي برطرفي لاءِ ڪاروائي جو فيصلو

ن ليگ جو سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جي برطرفي لاءِ ڪاروائي جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)حڪمران پارٽي مسلم ليگ ن سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي بابت سڌيءَ ريت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ قانوني صلاح مشورو مڪمل ڪيو ويو.قانوني ٽيم موجب جسٽس اعجاز الاحسن نواز شريف جي خلاف ڪيس ۾ نگران جج رهيو.جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف آڊيو ليڪ جو ترديد نه ٿي سگهندڙ ثبوت سامهون آيو آهي.جسٽس مظاهر نقوي نواز شريف، شهباز شريف بابت درزنين ڪيسن ۾ مخالفاڻا فيصلا ڪيا.پاناما، پارٽي ليڊرشپ، پاڪ پتن الاٽمينٽ ڪيس ۽ رمضان شگر ملز جا ڪيس ان فهرست ۾ شامل آه، ٻئي جج مسلم ليگ ن بابت تعصب وارو رويو رکن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو