اسلام آباد: (بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته صدر عارف علوي صدر جون ذميواريون پوريون ڪري هو عمران خان جو غلام نه بڻجي ان کان بهتر آهي ته هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عارف علوي کي جيڪڏهن صدر جي عهدي جو خيال ناهي ته هو استعيفيٰ ڏئي ڇڌي ڇو ته صدر جو عهدو سياسي نه پر آئيني عهدو آهي. هن چيو ته آئين تي عمل وقت صدر، گورنر ۽ تحريڪ انصاف بيمار ٿي ويندي آهي هن وقت لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي لاڳيتو توهين ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته 21 ڏينهن کان پنجاب وڏي وزير ۽ ڪابينه کان سواءِ هلي رهيو آهي.










