ن ليگ آفيس ساڙڻ سميت ٻيا ڪيس: صنم جا وارنٽ رد

ن ليگ آفيس ساڙڻ سميت ٻيا ڪيس: صنم جا وارنٽ رد

لاهور (ويب ڊيسڪ)9 مئي تي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ن ليگ جي آفيس ساڙڻ سميت ٻين ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.9 مئي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ن ليگ جي آفيس ساڙڻ سميت ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران صنم جاويد عدالت ۾ پيش ٿي ۽ وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي.عدالت جوابدارن کي هر تاريخ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو