پشاور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ پي ٽي آءِ کي پارلياماني ميمبر بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ سانحي 9 مئي جهڙن واقعن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان جي وجود جي ڪري ئي اسان سڀ هڪ آهيون.هن چيو ته تحريڪ انصاف کي خيبرپختونخواهه مان مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته 10 سالن کان حڪمران پارٽي صوبي جي سياست ڪري ڇڏي آهي.اعلان موجب خيبرپختونخواهه ۾ نئين سياسي پارٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو نالو پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز آهي ۽ پرويز خٽڪ کي ان جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻو وڏو وزير ڪي پي ڪي محمود خان، اڳوڻو وزير ۽ درجنين ميمبر شامل ٿي ويا آهن، جڏهن ته گذريل حڪومت سان لاڳاپيل 57 کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبر نئين پارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن ۽ وڌيڪ شموليت جو سلسلو جاري آهي.پڌرائي موجب پي ٽي آءِ ۾ 9 مئي سانحي کانپوءِ نئين پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو.هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ملڪ دشمن ايجنڊا کي عوام ۽ پارٽي قيادت رد ڪري ڇڏيو، 9 مئي جي سانحي تي محب وطن سياستدان پي ٽي آءِ کان ڌار ٿي ويا.ذريعن موجب پرويز خٽڪ اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري سان به رابطو ڪيو.اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي صوبائي وزير هشام انعام الله سان ملاقات ڪري کيس پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي.ذريعن موجب پرويز خٽڪ جي دعوت تي هشام انعام الله چيو ته اوهان مون کي پي ٽي آءِ ۾ آندو، بعد ۾ اوهان منهنجو ساٿ نه ڏنو، ان تي پرويز خٽڪ چيو ته مون کي پاسيرو ڪيو ويو، مون سان به ڪجهه خراب ٿيو. اڳوڻو صوبائي وزير اشتياق آرمڙ، اڳوڻو صوبائي صلاحڪار ضياءُ الله بنگش، اڳوڻو صوبائي اسيمبلي ميمبر افتخار مشواڻي ۽ پشاور مان اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر شوڪت علي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويا آهن.ن کان علاوه ڊي آءِ خان مان قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر يعقوب شيخ، اڪرام گنڊاپور به نئين پارٽي ۾ شامل ٿي ويا.مالاڪنڊ مان پير مسرور شاهه ۽ مانسهره مان اڳوڻو ايم اين اي صالح محمد به پي ٽي آءِ پارليامينٽرين جو حصو بڻجي ويا آهن…نئين پارٽي جي فيصلي کان اڳ پرويزخٽڪ (ن) ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطا ڪيا هئا پر (ن) ليگ جي انڪار بعد پرويزٽڪڪ جي متبادل پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو سامهون آيو آهي.










