نيپرا 3 روپيا 9 پيس افي يونٽ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

نيپرا 3 روپيا 9 پيس افي يونٽ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ اينڊ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا 9 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي. نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو مدو ورهائيندڙ ڪمپنيون فيبروري جي بلن جي صورت ۾ وصول ڪن، جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي نه ٿيندو

پهنجو تبصرو موڪليو