نيپرا کي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست ملي وئي

نيپرا کي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست ملي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيپرا کي اپريل لاءِ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جون درخواستون ملي ويون آهن.ڪي اليڪٽرڪ اپريل جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي 49 پئسا في يونٽ وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي.اپريل جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ ڊسڪوز جي بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا 1 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.نيپرا اختيارين موجب ڪي اليڪٽرڪ کي به هلندڙ مالي سال جي ٽئين ٽه ماهي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ملي آهي، جنهن ۾ 5 رپيا 17 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.نيپرا 31 مئي تي اليڪٽرڪ ۽ ڊسڪوز جي سمورين درخواستن جي ٻڌڻي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو