اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ 93 پئسا في يونٽ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي حصي طور بجلي سستي ڪئي وئي آهي.ڪراچي سميت ملڪ جي صارفين کي جنوري جي بلن ۾ رليف ملندو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هي لائف لائن استعمال ڪندڙن تي لاڳو نه ٿيندو.










