اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) توانائي وزارت نيٽ ميٽرنگ جي درخواستن بابت هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي.توانائي وزارت هدايت ڪئي آهي ته 8 فيبروري تائين جمع ڪرايل درخواستن تي پراڻن ضابطن تحت عمل ڪيو وڃي. 8 فيبروري تائين جمع ڪرايل درخواستون نيٽ ميٽرنگ لاءِ اهل هونديون. سڀني بجلي ورهائڻ واري ڪمپنين کي فوري طور تي عمل درآمد لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن.8 فيبروري تائين، ڪي-اليڪٽرڪ سميت سڀني ورهائڻ واري ڪمپنين پاران 5,165 درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن. انهن درخواستن جي تحت، 250 ميگاواٽ گنجائش قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي ويندي.










