نيٽو سڌي ويڙهه ڪئي ته ٽئين عالمي جنگ شروع ٿيندي: پيوٽن

نيٽو سڌي ويڙهه ڪئي ته ٽئين عالمي جنگ شروع ٿيندي: پيوٽن

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روسي صدر والاديمير پيوٽن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيٽو فورسز يوڪرين ۾ سڌو سنئون روسي فوج سان ويڙهه ڪئي ته پوءِ عالمي سطح تي تباهي ٿيندي. قازقستان جي شهر آستانا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي روسي صدر جو چوڻ هو ته نيٽو فورسز جو ڪنهن به سطح تي روسي فوج سان سڌو سنئون ٽڪراءُ انتهائي خطرناڪ قدم ۽ عالمي سطح تي تباهي جو ڪارڻ بڻبو. هن چيو ته مونکي اميد آهي ته جيڪي ماڻهو اهڙي قسم جو ڳالهيون ڪري رهيا آهن اهي ايترا سياڻا آهن جو هو اهڙو قدم نه کڻندا.

پهنجو تبصرو موڪليو