ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيو ڪراچي مينا بازار بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي ، درخواستگذار چيو ته بازار بند ڪرڻ لاءِ حراسان ڪيو پيو وڃي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته، جنهن پلاٽ تي بازار لڳائي رهيا آهيون ، اهو پلاٽ ڪهڙي مقصد لاءِ الاٽ ٿيل آهي ؟ ، ڪي ايم سي جو وڪيل عدالت کي پلاٽ جا تفصيل نه ٻڌائي سگهيو، عدالت هڪ ڪلاڪ اندر تفصيل معلوم ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، جسٽس ظفر راجپوت چيو ته ڪراچي جي ڪجهه خبر اسان کي به آهي ته سيڪٽر ڊي 11 ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ، پوليس اسٽيشن، اسپتال، ٽيليفون ايڪسچينج، جهڙن سهولتن لاءِ پلاٽ مختص ڪيا ويا آهن انهن جي چوڌاري پلازا لڳل آهن، رهواسين کي گوڙ گهمسان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هي بازار انهن رهواسين کي خريداري جي سهولت فراهم ڪري ٿي، عدالت چيو ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن هي پلاٽ ٻارن جي راند لاءِ گرائونڊ آهي ته ڇهن مهينن ۾ ان پلاٽ تي چار ديوار ٺاهي وڃن ،عدالت چيو حڪومت ٻارن لاءِ پلاٽ مختص ڪري ٿي اوهان انهن پلاٽن تي بازارون ٿا هڻو ،گرائونڊ نه هجڻ ڪري روڊن تي کيڏندي ٻار مري به وڃن ٿا جسٽس ظفر راجپوت چيو ته پلاٽ جي صورتحال بابت هڪ ڪلاڪ ۾ آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن فيصلو اچي سگهي










