نيوي جو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريسڪيو آپريشن

نيوي جو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريسڪيو آپريشن

ڪراچي(پ ر)پاڪستان نيوي جو ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن ساحلي علائقن ۾ جاري آهي ۽ سنڌ حڪومت جي خاص درخواست تي سانگهڙ، قمبر شهداد ڪوٽ، سکر، بکراڻي، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ دادو جي مختلف علائقن ڏانهن پنهنجون ٽيمون اماڻيون آهن. پاڪستان نيوي جي اهلڪارن ٻوڏ ۾ ڦاٿل مقامي ماڻهن کي هيلي ڪاپٽرن ۽ ٻيڙين ذريعي محفوظ هنڌن تي پهچايو. ضلعي دادو جي هڪ سڄي ڳوٺ محمد حسن چانڊيو جي رهواسين کي سهيلي ڪاپٽر ذريعي ڪڍيو ويو.

Photo Pak Navy

هنن ماڻهن پنهنجي گهرن جي ڇت تي پناهه ورتي، ڇاڪاڻ ته انهن جي چوڌاري 5-6 فوٽ پاڻي هجڻ ڪري زميني رستا ڪٽيل هئا. پاڪستان نيوي جي فوجين متاثر آبادي ۾ خشڪ راشن، پکا کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي، خيما ۽ ٻيون گهرج واريون شيون زميني ۽ فضائي ذريعي خاص طور تي انهن ماڻهن ۾ ورهايون جيڪي پنهنجن گهرن ۾ ڦاٿل ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار نه هئا. ان کان علاوه پاڪستان نيوي پاران قائم ڪيل طبي ڪيمپون به انهن علائقن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ته جيئن متاثر ماڻهن کي فرسٽ ايڊ ۽ مفت طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. پاڪستان نيوي ڏکايل وقت ۾ متاثرن جي بحالي تائين ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.
Photo Pak Navy

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو