نيوزيلينڊ ۾ ٻن مسجدن تي حملو 50 فوت، ڪيترائي زخمي، حمله آور گرفتار

ڪرائيسٽ چرچ (م ڊ) نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائيسٽ چرچ جي ٻن مسجدن ۾ نمازين تي حملو، 50 کان وڌيڪ ماڻهون مارجي ويا ۽ متعدد زخمي، پوليس عوام کي گھرن ۾ رهڻ  جي صلاح ڏني آهي. حملي وقت بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم جمع نماز پڙهڻ پهچڻ واري هئي پر هو بچي ويا. بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ ڪينسل ڪئي وئي آهي. حملي جي ذميواري 28 سالن جي هڪ آسٽريلوي شهري قبول ڪئي آهي. حملو آور اميگريشن پاليسي خلاف اهڙو قدم کنيو.

https://youtu.be/JX8sSQuhPLw

نيوزيلينڊ جي خاتون وزيراعظم جيسنڊا آرڊن چيو آهي ته حملو خطرناڪ آهي ۽ نيوزيلينڊ جي تاريخ جو هي سياه ترين ڏينهن آهي. پوليس ڪمشنر مائيڪ بش ماڻهن کي گھرن ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي آهي. پوليس فوت ٿيل ۽ زخمين جو تعداد ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو آهي پر مقامي ميديا موجب گھٽ ۾ گھٽ 27 ماڻهن جي مارجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. پوليس حمله آورن بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو آهي ته جانچ هلندڙ آهي پر اکين ڏٺل شاهدن جو چوڻ آهي ته حمله آور کي فوجي وردي جهڙو لباس پاتل هو. هڪ حمله آور مسجد ۾شوٽنگ جي ويڊيو پڻ ريڪارڊ ڪئي آهي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.مقامي ميڊيا مطابق پوليس هڪ عورت سميت چار ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ ورتو آهي. پوليس حمله آور کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته هو آسٽريليا کان حملو ڪرڻ آيو، هن جو ڪنهن تنظيم سان تعلق ناهي. هن موجب ٽئين مسجد تي به کيس حملو ڪرڻو هو پر پڪڙجي ويو. هوڏانهن پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ ۾ حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو