نيوزيلينڊ کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ به شڪست، سيريز آسٽريليا نالي

نيوزيلينڊ کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ به شڪست، سيريز آسٽريليا نالي

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا بالرن جي شاندار ڪارڪردگي جي بدولت نيوزيلينڊ کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 247 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 تان برتري حاصل ڪري ورتي. ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزلينڊ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو هو جيڪو صحيح ثابت نه ٿيو. آسٽريليا پهرين اننگ ۾ ٽريوس هيڊ جي سينچري ۽ اسٽيو اسمٿ، مارنس لڀوشين ۽ ڪپتان ٽم جي هاف سينچرين جي بدولت 467 رنسون ٺاهيون. جنهن جي جواب ۾ نوزي لينڊ جي ٽيم صرف 148 رنسون تي آئوٽ ٿي وئي ٽام ليٿم جي 50 رنسن کانسواءِ ڪو به رانديگر آسٽريلوي بالرن اڳيان بيهي نه سگهيو. عالمي نمبر هڪ بالر پيٽ ڪمنز بهترين راندي ڏيکاريندي 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته جيمز پيٽنسن 3 ۽ مچل اسٽارڪ 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. آسٽريليا فالو آن ڪرائڻ بجاءِ ٿڪل بالرن کي آرام ڪرڻ لاءِ پاڻ بيٽنگ ڪئي ۽ 168 رنسن تي 5 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي ٻي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي. ميزبان ٽيم نيوزيلينڊ کي ٻئي ٽيسٽ ۾ فتح لاءِ 488 رنسون ڏنيون پر ٽام بلنڊل جي 121 رنسن جي جرئتمنداڻي اننگز باوجود نيوزيلينڊ جي سڄي ٽيم 240 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا طرفان نيٿن لائن 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. اهڙي طرح آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ميچ 247 رنسن کان کٽي ٽن ميچن جي سيريز 0-2 جي فيصلا ڪن برتري حاصل ڪرڻ سان گڏ 2019 جو ڪاميابي سان اختتام ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو