اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 18سالن بعد ڇنڇر تي اسلام آباد ان پهچي وئي آهي. نيوزيلينڊ ٽيم بنگلاديش مان جهاز ذريعي اسلام آباد پهتي. کين سخت سيڪورٽي ۾ هوٽل پهچايو ويو. سول ايوي ايشين طرفان نيوزيلينڊ ٽيم کي هوائي اڏي تي ڪورونا ٽيسٽ کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهريون ون ڊي 17 سيپٽمبر تي راولپنڊي ۾ شيڊول آهي. هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جمعي تي بارش سبب پريڪٽس نه ڪري سگهي. محمد نواز کي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد اڪيلو ڪيو ويو آهي.










