نيوزيلينڊ جي، يو اَي اِي کي 10 وڪيٽن تان شڪست

نيوزيلينڊ جي، يو اَي اِي کي 10 وڪيٽن تان شڪست

چنائي(ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 11 هين ميچ نيوزيلينڊ گڏيل عرب امارات جي ٽيم کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي نئون رڪارد قائم ڪيو آهي.
چنائي جي چدمبرم اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي ٽاس کٽي يو اي اي جي ڪپتان محمد وسيم اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پوري ٽيم 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون ٺاهيون. جنهن ۾ ڪپتان 66 تي ناٽ آئوٽ رهيو، علي شان شرفو 55 ميانڪ ڪمار 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ٻيو ڪو به پليئر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿيو.
نيوزيلينڊ جي اوپنرز ٽم سيفرٽ ۽ فن ايلن گهربل اسڪور 28 بال باقي هئا ته ٺاهي ورتو. سيفرٽ 42 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 12 چوڪن جي مدد سان 89 ناٽ آئوٽ رهيو ۽ فن ايلن پنج ڇڪن ۽ پنج چوڪن جي مدد سان 50 بالن تي 84 رنز نات آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو