سريلنڪا کي نيوزي لينڊ هٿان شڪست،پاڪستان جي مشڪلن ۾ واڌ

بنگلورو (ويب ڊيسڪ)ورلڊ ڪپ جي 41 هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا کي آساني سان 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو رستو انتهائي آسان بڻائي ڇڏيو ۽ پاڪستان لاءِ اهو ناممڪن نظر اچي رهيو آهي.نيوزيلينڊ سريلنڪا پاران ڏنل 172 رنسن جو ٽارگيٽ 23.2 اوورن ۾ آسانيءَ سان حاصل ڪري 2 اهم پوائنٽس حاصل ڪري سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي راهه هموار ڪري ورتي.قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا مداح اڄ دعا ڪري رهيا هئا ته سريلنڪا نيوي کي هارائي ته جيئن پاڪستان انگلينڊ کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي، پر ائين نه ٿيو. بنگلورو ۾ اڄ نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي سريلنڪا خلاف پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو.سريلنڪن ٽيم 46.4 اوورن ۾ 171 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ڪوشل پريرا 51 رنسن جي اننگز کيڏي شاندار رهيو. ان کان علاوه دھننجيا ڊي سلوا 19 رنسون ۽ اينجلو ميٿيوز 16 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته اسالنڪا طرفان 8، چميڪا ڪرونارتني ۽ ڪوشل مينڊس 6-6 رنسون اسڪور ڪيون. پٿم نسانڪا 2، دشمنٿا چميرا ۽ سديرا سمارا وڪراما هڪ هڪ رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ طرفان ٽرينٽ بولٽ 37 رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، لوڪي فرگوسن، مچل سينٽنر ۽ ريچن رويندرا 2-2 جڏهن ته ٽم سائوٿي هڪ وڪيٽ ورتي. سريلنڪا پاران ڏنل 172 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ آساني سان 23.2 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڊيون ڪانوي 45، ڊيرل مچل 43، ريچن رويندرا 42 رنسون، ڪپتان ڪين وليمسن 14 ۽ مارڪ چيپمين 4 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. گلين فلپس 17 ۽ ٽام ليٿم 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. نيوزيلينڊ پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ سيمي فائنل تائين پهچندڙ رانديگرن جو رستو تمام آسان ٿي ويو. ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا پهريان ئي ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪا آهن، جڏهن ته نيوزيلينڊ، پاڪستان ۽ افغانستان فائنل لاءِ مقابلو ڪندا. ٽنهي ٽيمن کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پنهنجي آخري ميچ کٽڻ ۽ رن ريٽ جو به خيال رکڻو پوندو. نيوزيلينڊ پنهنجي آخري گروپ ميچ کٽي ورتي آهي ۽ پوائنٽس ٽيبل ۾ 10 پوائنٽن سان چوٿين نمبر تي اچي وئي آهي. افغانستان کي سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا ۽ ڇنڇر تي پاڪستان کي انگلينڊ کي منهن ڏيڻو آهي، نيوزيلينڊ اڄ کٽڻ کانپوءِ سيمي فائنل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي جڏهن ته هاڻ گرين شرٽس ۽ افغان ٽيم لاءِ آخري ميچ ۾ فتح باوجود رن ريٽ جي ڪري. ناڪ آئوٽ اسٽيج تائين پهچڻ ڄڻ ته ناممڪن ٿي پيو آهي.پاڪستان ۽ افغانستان بالترتيب 8 ۽ 8 ميچون کيڏڻ بعد 8 پوائنٽن سان پنجين ۽ ڇهين نمبر تي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو