ڪشمور (ن س) ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿي ويل 17 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل ڪشمور واسي مغوي بڻيل نينگر جي وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب وارثن جو احتجاج ڪيو ڪشمور گيھلپور ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ حاجي ڪيلو ڪوش مان 2 ھفتا اڳ اغوا ٿي ويل نينگر خير بخش مزاري کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ تازو مقرر ٿيل ايس ايس پي شبير سيٺار به ٻوٽو نه ٻاريو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿي ويل 17 مغوي ھن وقت تائين ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن عيدالفطر جي موقعي تي اغوا ٿي ويلن جي بازيابي ممڪن نه ٿيڻ ڪري وارثن جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي ڪشمور جي ڳوٺ ڪيلو ڪوش مان اغوا ٿي ويل نينگر خير بخش مزاري جي وارثن کان پنجاهه لک رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ وارثن کي لاش ڏيڻ جي ڌمڪي ڏيندي مبينا فون ڪال ڪئي وئي آهي ڪشمور ڪچي جي ڏوهارين پاران گذريل رات ڪچي ۾ مغوي بڻيل نينگر خير بخش مزاري جي بازيابي لاءِ وارثن کان موبائيل فون ڪال ذريعي مغوي خير بخش مزاري جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائيندي 50 لک ڀنگ عيوض بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو آهي مغوي جي بازيابي لاءِ ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ معصوم نينگر جو لاش وارثن کي موڪلڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي ڏوهارين جي اھڙي فون ڪال ۽ ڀنگ طلب ڪرڻ کانپوءِ وارثن ۾ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي مغوي جي والد ۽ ٻين پريس ڪلب ڪشمور پھچي دانھيندي چيو آهي ته 2 ھفتا اڳ نينگر خير بخش مزاري کي اغوا ڪيو ويو جنهن کي ڪشمور ٿاڻي جي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي گذريل رات ڌاڙيلن طرفان نينگر جي بازيابي لاءِ ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ لاش حوالي ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي آئي جي سنڌ ڊي آئ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور نوٽس وٺي نينگر کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي،










