ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بوٽ بيسن جي علائقي ۾ جمعي تي مبينه طور تي زيادتي جو نشانو بنجندڙ 13 ورهين جي نينگري ۽ انهي جي ڀيڻ کي ايڌي فائونڊيشن جي حوالي ڪيو ويو آهي.پوليس موجب بوٽ بيسن جي علائقي شيرين جناح ڪالوني مان پوليس کي 2 لاوارث نينگريون مليون هيون، ملندڙ ٻنهي نينگرين کي گذريل ڏينهن ميڊيڪل ليٽر سان گڏ ايڌي فائونڊيشن جي حوالي ڪيو ويو هو.13 ورهين جي نينگري شروعاتي طور تي پنهنجي طبيعت خراب ٿيڻ جو ٻڌايو زيادتي جو ذڪر نه ڪيو هو، ايڌي سينٽر ۾ نينگري جي طبيعت خراب ٿيڻ تي انهي کي سول اسپتال آندو ويو، نينگري هاڻ زيادتي ٿيڻ جو ٻڌايو جنهن تي نينگري جو ليڊي ڊاڪٽرياڻي جي مدد سان ميڊيڪل ڪرايو ويو.ٻنهي نينگرين بيان ڏنو ته هو صادق آباد مان پنهنجي ڦڦي سان گڏ ڪراچي آيون هيون، ڦڦي اسان کي ڇڏي واپس هلي وئي هاڻ اها ڪٿي رهي ٿي اسان کي انهي جي خبر نه آهي، لاوارث هجڻ سبب ٻنهي نينگرين کي ايڌي فائونڊيشن جي حوالي ڪيو ويو هو.آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو بوٽ بيسن ٿاڻي جي حد مان مبينه لاوارث حالت ۾ ملندڙ ٻنهي ٻارڙين بابت خبرن جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سائوٿ مهزور علي کان واقعي بابت گڏيل تفصيل تي ٻڌل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.آءِ جي سنڌ جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ ٻنهي نينگرين کي هر ممڪن قانوني مدد، تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. گذريل رات ٻئي نينگريون لاوارث حالت ۾ شيري جناح ڪالوني بس اسٽاپ تان پوليس کي مليون هيون، ٻنهي نينگرين کي پوليس اسٽيشن آندو ويو جتي انهن کان وڌيڪ تفصيل طلب ڪيا ويا.شروعاتي ڄاڻ موجب ٻئي نينگريون صادق آباد کان ڪراچي پهتيون هيون، پوليس اسٽيشن ۾ اوچتو هڪ نينگري جي طبيعت خراب ٿيڻ تي انهي کي فوري طور تي ايڌي ايمبولينس جي ذريعي ميڊيڪل ليٽر سان گڏ اسپتال روانو ڪيو ويو. طبي معائني جي دوران اڄ صبح هڪ نينگري سان زيادتي جي تصديق ٿي آهي، تصديق کان پوءِ پوليس متاثر نينگري سان زيادتي بابت قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي پر اڃان تائين ڪنهن به وارث نينگرين جي گمشدگي بابت ڪوبه رابطو نه ڪيو آهي.










