نينگري سان زيادتي، ٻن جوابدارن کي عمرقيد جي سزا

نينگري سان زيادتي، ٻن جوابدارن کي عمرقيد جي سزا

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت معصوم نياڻي سان زيادتي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ، هڪ سهولتڪار کي 10 سال قيد ۽ هڪ تي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو. شهدادڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سيف الله ڪالوني ۾ گهريلو ڪم سان ويندڙ 13 ورهين جي نينگري صنم ڪنڀر سان 4 جوابدارن غلام محمد مغيري، ڏاڏو عرف رئيس مغيري، پريل مغيري ۽ کبڙ مغيري زيادتي ڪئي هئي جنهن جو ڪيس معصوم نياڻي صنم ڪنڀر جي والد مشتاق ڪنڀر جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو جنهن جي اڄ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ماڊل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت زيادتي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن غلام محمد مغيري ، ڏاڏو عرف رئيس مغيري کي عمر قيد جڏهن ته هڪ جوابدار تي سهولتڪار جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 سال قيد ۽ ٻئي جوابدار کبڙ تي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو. هوڏانهن عدالت ۾ ٻڌڻي تي آيل 3 جوابدار ضمانت تي آزاد هئا جن مان ٻن جوابدارن پريل مغيري ۽ ڏاڏو عرف رئيس مغيري  کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ پوليس پنهنجي تحويل وٺي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو