نينگري سان زيادتي، احتجاج، انصاف نه مليو ته خودڪشي ڪندس

مٺي(رپورٽ لیاقت نھڙیو) چيلهار جي ڳوٺ دلن جو تڙ ۾ 16 سالا نينگري مومل ميگهواڙ سان جوابدار ٻن ساٿين سان گڏجي لڄالٽ ڪرڻ بعد مبينا وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته متاثر ٻارڙي والدين سميت سموري ڳوٺ جي رهواسين سان چيلهار ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيندي رهي پر انصاف نه ٿي سگهيو آهي، ان ڏس ۾ مٺي پهچي 16 سالا ٻارڙي مومل ڌي کينئرو ميگهواڙ پنهنجن وارثن سان صحافين آڏو دانهيندي چيو ته آئون رات جو پنهنجي گهر ستل هئس جتي منهنجا مائٽ ننڊ پيل هئا ۽ سوائي ميگهواڙ جنهن جو اسان جي گهر ڀرسان گهر آهي ان آدم دل ۽ ٻين گڏجي زبردستي لڄالٽ جو نشانو بڻايو سوائي ميگهواڙ ۽ قبول راهمون وڊيو رڪارڊنگ ڪئي ۽ مونکي نشو پياري بيهوش ڪيو ويو ۽ مونکي ڳالهه کولڻ تي وڊيو نيٽ تي وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، هن چيو ته انصاف نه ملڻ کان نا اميد ٿي ويئي آهيان ۽ انصاف نه ٿيو ته خودڪشي ڪري ڇڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو