ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 35 هين نيشنل گيمز 2025 ڪراچي ۾ ميڊلز کٽيندڙ رانديگرن جي اعزاز ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ رانديگرن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي انهن کي ميڊلز ۽ نقد انعامن سان نوازيو ويو. سنڌ جي رانديگرن ۾ مجموعي طور 2 ڪروڙ 63 لک رپيا جا ڪيش ايوارڊ ورهايا ويا. راندين ۽ نوجوانن جي معاملن کاتي سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ اڱاري ڏينهن ابراهيم جويو آڊيٽوريم، لياقت لائبريري ڪراچي ۾ منعقد ٿيل تقريب جي مهمانِ خاص سيڪريٽري اسپورٽس سنڌ منور علي مهيسر هو. تقريب ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سيد پير محمد شاهه، ڊائريڪٽر اسپورٽس اسد اسحاق، چيف انجنيئر محمد اسلم مهر، سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري احمد علي راجپوت، خازن اصغر بلوچ سميت ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. ياد رهي ته 6 کان 12 ڊسمبر 2025 تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ 35 هين نيشنل گيمز ۾ سنڌ مجموعي طور 92 ميڊل حاصل ڪيا هئا. صوبي سنڌ 11 گولڊ، 25 سلور ۽ 56 برانز ميڊل کٽي مجموعي طور ڇهين پوزيشن حاصل ڪئي هئي. هن موقعي تي سيڪريٽري اسپورٽس سنڌ منور علي مهيسر خطاب ڪندي چيو ته 18 سالن کان پوءِ 2025 ۾ نيشنل گيمز جو انعقاد هڪ وڏو چئلينج هو، جنهن جي ڪامياب ميزباني وزير راندين سنڌ سردار محمد بخش مهر جي سربراهيءَ ۾ ممڪن ٿي، جڏهن ته وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ مڪمل رهنمائي ۽ تعاون فراهم ڪيو.هن چيو ته ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ ملڪ ڀر مان ايندڙ رانديگرن ۽ آفيشلز سنڌ جي مهمان نوازي کي ساراهيو، جڏهن ته سنڌ پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن به ايونٽ جي ڪامياب منعقد ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اهو سنڌ لاءِ هڪ تاريخي ايونٽ هو ۽ سنڌ حڪومت مستقبل ۾ به صوبي جي رانديگرن جي مالي معاونت ۽ حوصلا افزائي جاري رکندي.










